ڏاڍو ساريندين

ڏاڍو ساريندين

ڏاڍو ساريندين

ڏاڍو ساريندين (ڪتاب): هيءُ ڪتاب سنڌ جي ناليواري مزاحمتي شاعر مرحوم زخمي چانڊئي جي انقلابي ۽ رومانوي شاعريءَ تي مشتمل آهي. هن ڪتاب ۾ شامل ڪيتري اهڙي شاعري آهي، جيڪا هن جيل ۾ قيد هجڻ دوران ڪئي. ڪتاب جو مهاڳ ’زخميءَ جي شاعريءَ ۾ ڌرتيءَ جو عڪس‘ جي عنوان سان سنڌ جي ناليواري انقلابي شاعر راشد مورائيءَ لکيو آهي. جڏهن ته ڪتاب ۾ انقلابي شاعر سرڪش سنڌي ۽ نوجوان اديب خالد چانڊئي جا رايا به شامل آهن. ڪتاب جي بئڪ ٽائيٽل تي نوجوان شاعر اياز گل جو تاثر ڏنل آهي. ڪتاب جو انتساب ’مظلوم ۽ محڪوم قومن جي نانءِ‘ ڪيل آهي. ڪتاب جي ابتدائي صفحي تي سندس ونيءَ جي تصوير سان گڏ زخمي چانڊئي جو سوانحي خاڪو ڏنل آهي. هن ڪتاب ۾ غزل، وايون، نظم، گيت، نثري نظم وغيره ڏنل آهن. ڪتاب ۾ شامل شاعري پورهيتن جي جذبن جي ڀرپور عڪاسي ڪري ٿي. 128 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب جي قيمت 50 روپيا آهي، جنهن کي ڪنول پبليڪيشن قنبر 2006ع ۾ شايع ڪيو آهي.


لفظ ڏاڍو ساريندينھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو